’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي

’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي

’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي

’خاڪ‘ در محمد ڪانڌلوي: مشهور عالم ۽ شاعر مولوي در محمد ’خاڪ‘ ڪانڌلويءَ 12 ربيع اول 1312هه/ 14 سيپٽمبر 1894ع ڌاري ڪانڌڙا، (ضلعي لاڙڪاڻي) هاڻي قنبر شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس خاندان مان ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن مان شاهه احمد نالي هڪ بزرگ تغلق بادشاهه سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو ۽ نصير آباد، ضلعي قنبر شهداد ڪوٽ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ هن ئي ڪانڌڙا ڳوٺ جو بنياد رکيو هو. مولانا در محمد بهترين شاعر هو. شاعريءَ ۾ پهرين ’خطائي‘ ۽ پوءِ ’خاڪ‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. مولانا در محمد ’خاڪ‘ شاعر هئڻ سان گڏ ناميارو ليکڪ ۽ فتوا نويس به هو. تصوف جي شـرح ۽ فتويٰ تي ڪيترا ڪتاب لکيائين. سندس ڪتابن ۾ حـضـرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي صوفياڻي شرح ’خزانة العارفين‘ نهايت مـقـبـول آهـي. مـولانـا صـاحب انـجمن همدرد نصيرآباد ۽ نزم لطيف نصيرآباد جو صدر پڻ رهيو. هن پنهنجو وقت اڪثر زهد ۽ تقوى ۾ گذاريو. سندس شاعري نعت، ڪافين، غزلن، ۽ نظم جي صنف تي آڌاريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.09.14  عيسوي

مشهور عالم ۽ شاعر مولوي در محمد ’خاڪ‘ ڪانڌلويءَ 12 ربيع اول 1312هه/ 14 سيپٽمبر 1894ع ڌاري ڪانڌڙا، (ضلعي لاڙڪاڻي) هاڻي قنبر شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان محمد سمون
ڄام کنگهار (پهريون)
تماچي
ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو
شاهه محمد شاهه1
تاج جويو
ديبلي احمد بن محمد
رياض شاهد
لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي
چولياڻي روپلو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون